تحريڪ ترڪ موالات

تحريڪ ترڪ موالات: تحريڪ ”ترڪ موالات“ کي ’تحريڪ عدم تعاون‘ به سڏيو وڃي ٿو. هيءَ تحريڪ 1920ع ڌاري هندستان ۾ انگريزن خلاف هلائي وئي هئي. هن تحريڪ جو مقصد اهو هو ته برطانوي حڪومت سان ڪنهن به قسم جو تعاون نه ڪيو وڃي، ڇوته خلافت عثمانيه، جزيرة العرب، جليانوالا باغ واقعي ۽ آزاديءَ جي حق بابت انگريز حڪومت جي حڪمت عملي غلط هئي. حڪومت سان عدم تعاون جي پروگرام هيٺ اعزازن/ عهدن ۽ سرڪاري خطابن کي ترڪ ڪرڻ، سرڪاري ۽ نيم سرڪاري تقريبن جو سماجي بائيڪاٽ ڪرڻ، سڀني سرڪاري ۽ امدادي درسگاهن مان شاگردن جو نڪرڻ وغيره جون ڳالهيون شامل هيون. هن پروگرام تي 1920ع ۾ جمعيت العلماءِ ۽ خلافت ڪاميٽيءَ عمل ڪرڻ شروع ڪيو. عالمن باقاعدي فتوائون جاري ڪيون، جنهنڪري هزارين ماڻهن پنهنجا لقب، القاب ۽ خطاب واپس ڪيا. شاگردن سرڪاري اسڪولن مان پنهنجي پڙهائي ڇڏي ڏني، ملازمن پنهنجون نوڪريون ڇڏي ڏنيون. پر هن تحريڪ مان مسلمانن کي ڪافي نقصان به ٿيو، ڇوته تحريڪ هلائڻ سبب مسلمانن جي معاشي حالت ٺيڪ نه رهي. هن تحريڪ ۾ هندن ۽ مسلمانن گڏجي حصو ورتو. هندستان جي تاريخ ۾ اهو پهريون ۽ آخري دور هو، جڏهن هندن ۽ مسلمانن پاڻ ۾ اتحاد ڪيو. افسوس جو هيءُ اتحاد وڌ ۾ وڌ ٽي سال هلي سگهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو